دين محمد بُٺوي

دين محمد بُٺوي: مشهور بزرگ مولانا دين محمد ولد ڳهڻو خان چانڊيو، ڳوٺ بٺي تعلقي ميرو خان ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ديني تعليم ڳوٺ پنوهر تعلقي ميرو خان مان ورتائين. ان کان پوءِ قاضي الله بخش وٽان فارسيءَ جي تعليم ورتائين، بعد ۾ ٺوڙهي. ابڙن ۽ همايون جي مدرسن ۾ تعليم وٺڻ بعد مولانا نظر محمد وٽان دستاربند ٿيو. دستاربنديءَ بعد مولانا دين محمد اباڻي ڳوٺ بُٺي تعلقي ميرو خان ۾ 1312هه/1894ع ۾ اچي رهيو ۽ درس ۽ تدريس جو پيشو اختيار ڪيائين. سون جي تعداد ۾ شاگردن وٽانئس دستاربندي ڪئي. طالبن جي رهائش ۽ خوراڪ جو بندوبست خود ڪندو هو. سندس مشهور شاگردن ۾: حاجي محمود ’خادم‘، مولانا ميرو خاني، مولانا عبدالڪريم بُٺوي ۽ ٻيا شامل هئا. مولانا دين محمد سادي طبيعت ۽ فقيراڻن خيالن جو مالڪ هو. هميشه سادا ڪپڙا پهريندو هو. مولانا جو تعلق حريت پسند عالمن سان هو. جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مولانا خوش خط به هو. آخري عمر ۾ حج تان واپس موٽيو ته پٺيءَ ۾ ٻلي ڳڙهه نڪتس ۽ 18 سيپٽمبر 1931ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو